Sunday 30 October 2016

سالگرهه کانپوءِ منهنجي موت جو منظرنامو! Dr Aziz Talpur

         اسانجي ڳوٺ جو ماستر سائين ڀورو بتال اسڪول ۾ داخلا وٺندڙ سڀني ٻارن جو رجسٽر ۾ جنم ڏينهن پهرين جنوري لکندو هو. سندس چوڻ هو ته پهرين جنوري لکڻ سان ٻار جڏهن وڏا ٿيندا ته کين پنهنجي عُمر ڳڻڻ ۾ سولائي ٿيندي، انهيءَ ڪري مون سميت ڳوٺ جي 3687 فردن جو جنم ڏينهن پهرين جنوري آهي. نادرا وارا جڏهن شناختي ڪارڊ ٺاهڻ لاءِ ڳوٺ ۾ آيا ته سڀني ماڻهن جو جنم ڏينهن پهرين جنوري ڏسي حيران ٿي ويا. چيومان: اعتبار نه اچيوَ ته اسڪول ۾ هلي داخلا رجسٽر چيڪ ڪريو. هنن داخلا رجسٽر ڏٺو ته مجال آهي ڪو ٻار پهرين جنوري کان هڪ ڏينهن اڳ يا هڪ ڏينهن پوءِ ڄائو هجي. وري جو سالگرهه ملهائڻ جو رواج پيو ته سڀني گهرن ۾ پهرين جنوري تي ”هيپي برٿ ڊي ٽو يو“ جا هوڪريا پيا لڳن. هيل طوطن ۽ طوطن ماءُ به فيصلو ڪيو ته منهنجي سالگرهه به وڏي ڌام ڌوم سان ملهائبي. اهو ٻڌي آئون خوشيءَ ۾ ٺريو پيو ٺَران. سالگرهه کان ٻه ڏينهن اڳ ڪيڪ ۽ سالگرهه جو ٻيو سامان وٺڻ لاءِ شهر ويس ته ڪيڪ اٺ سئو ۽ هزار کان گهٽ نه پيو ملي. سوچيم ته ڇو نه ڪيڪ ٺاهڻ جو سامان وٺي گهر ۾ ڪيڪ ٺاهجي، مون تلڪ چاڙهي تان 385 رُپين ۾ هڪ ڪتاب ورتو، جنهن ۾ ڪيڪ ٺاهڻ جي ترڪيب لکيل هُئي، جنهن مطابق مون 47 ائٽم ورتا، عمر پنجيتاليهه سال پر وڏي عمر لاءِ 100 ميڻ بتيون ورتم. سڀ سامان گهر کڻي آيس. طوطن ماءُ جو ترڪيبن جو ڪتاب ڏٺو ته زنانو روح، ڪيڪ ڇُٽو پاڻ ٻيا ائٽم پئي ٺاهي. مثلاً ڪدوءَ جا ڪوفتا، واڱڻن جو حلوو،. چيومانس: ڪيڪ ته ٺاهه سالگرهه وري ڌُوڙ سان ملهائبي. انهيءَ ڳالهه تان مائي بِگڙي پئي، ڏوڻين ۽ ٽڦڻين جهڙن خطرناڪ هٿيارن سان حملو شروع ڪري ڏنائين، گوڙ گهمسان تي نانا پيرو اچي فائرنگ بند ڪرائي ۽ اسانجي وچ ۾ ٺاهه ڪرايو، پوءِ ڪتاب ۾ لکيل ترڪيب مطابق اسان ڪيڪ ٺاهي، ٿالهه ۾ رکيو ته رٻ وانگر پکڙي ويو، ٻئي هٿ مٿن تي اچي ويا. اوچتو عقل جي اڪابر ماسي بصران اچي وئي، تنهن صلاح ڏني ته ڪيڪ کوکي ۾ رکو. نيٺ کوکو تيار ٿي ويو. ان ۾ ڪيڪ وڌوسين ته کوکي جي سرن مان ڪيڪ ائين پيو وهي جهڙو ليمن جي آچار کي ڏسي ناني نوران جو وات پيو ڳڙندو آهي. ماسي بصران صلاح ڏني ته ڪيڪ فرج ۾ رکو ته کوکي مان ڪونه وهندو. فرج اسان وٽ هجي ئي نه سو ڪيڪ وڃي سئوٽ صدوريءَ جي فِرج ۾ رکيم. سئوٽ صدوريءَ جا بچن شال 13 ٻار هجن. واري سان اچيو آڱر ڪيڪ ۾ ٻوڙيو پيا چٽين. وڃي ڏٺم ته ڪيڪ سڄو چٽجي ويو هو باقي ٺلهو کوکو زخمي حالت ۾ پيو هو. ڪيڪ کي ٽيسٽنگ کان بچائڻ لاءِ آئون شهر مان چندي واري ننڍڙي پيتي وٺي آيس. نئون ڪيڪ ٺاهي ان ۾ وجهي تالو هڻي پوءِ فرج ۾ رکيم ته مس مس ڪيڪ وڃي ٺهيو. ڪيڪ ۾ منهنجو ساهه هُجي، سو جيڏانهن وڃان ڪيڪ واري پيتي گڏ کڻيو وڃان. ماڻهن سمجهيو ته آئون ڪو خيراتي مدرسو ٿو هلايان سو پيتيءَ ۾ نوٽ پيا وجهن. سندن فلاحي جذبن کي ڏسي آئون هاسيڪار ڪلاڪن جا ڪلاڪ پيو چؤڪن تي ويهان. ٻئي ڏينهن سالگرهه هجي. اسان طئي ڪيو ته سالگرهه ٻن مرحلن ۾ ملهائبي. هڪ مرحلو گهر ۾ ٿيندو، جتي طوطن جي سنگت ايندي ۽ ڪيڪ ڪاٽبو. ٻيو مرحلو اوطاق تي ملهائبو، جتي منهنجي سنگت ايندي، بريانيءَ جي ديڳ کارائبي. انهيءَ فنڪشن جو ذمو لال سائين جي حوالي ڪيم، تنهن نورو نماڻي کان دعوتنامو لکرائي فوٽو ڪاپي ڪرائي سنگت کي دعوت ڏئي ڇڏي. ڳوٺ جي بورچي بدرو بي سُري کي مون ديڳ لاهڻ لاءِ سئودو سامان وٺي ڏنو. مس مس صبح ٿيو. وهنجي سهنجهي نوان ڪپڙا پائي ماڻهو ٿيس. تيسين طوطن واري سنگت پهچي وئي، ببلو، ڊبلو، ٽوني، نوني اپن، بابو، صابو...ڪيڪ تي ميڻ بتيون رکيم، سئو ميڻ بتيون هجن، سو انهن جي قطار ڪيڪ تان لهي ٽيبل تي آئي،  ٽيبل کان فرش تي پوءِ در ٽپي رستو اڪري وڃي مامان مولو جي مانڊڻي تائين پهتي. اها قطار ٻارڻ لاءِ اٺ ماچيس کپي ويا. اندر وڃي ميڻ بتي کي ڦُوڪَ ڏنم ته سڀني وات تُوتڙي ڪري چيو ”هيپي برٿ ڊي ٽو يو.“ مون سوچيو ته ٻاهريون ميڻ بتيون به وسائي کڻي اچان. لوڊشيڊنگ ۾ ڪم اينديون، جيسين آئون وَران، طوطن جي سنگت ڪيڪ چٽ ڪري کوکو ٻاهر اُڇلايو، جيڪو مون چَٽي دل خوش ڪئي.
ٻئي مرحلي جي خبر وٺڻ اوطاق تي ويس بورچي بدرو بي سُري ديڳ ته لاٿي پر خيرات جي سمجهي، هن پنهنجي آندل آڪهه ۽ ويڙهي جي ماڻهن کي کارائي ڇڏي. اوطاق ۾ اندر وڃي ڏسان ته مون واري سنگت لال سائين سان فاتحه پئي ڪري. ٿيو ائين جو نورل نماڻي دعوت نامي ۾ ڀل ۾ سالگرهه بجاءِ ورسي تقريب لکي ورهائي ڇڏيو هو. مون کين ٻڌايو ته ادا آئون جيئرو آهيان ته مڃين ئي نه، چون تون ڪُوڙو ڪُوڙي جو پٽ. سڄي حياتي ڪُوڙ ڳالهائي، اڄ به ڪُوڙ پيو ڳالهائين، سائين لال باڪردار ماڻهو آهي، فاتحه پيو وٺي اهو ڪوڙ ڳالهائي ڪونه. چيم: ادا جي توهين منهنجي مرڻ ۾ خوش آهيو ته آئون سچ پچ مران ٿو. آئون ڌڙام سان وڃي کٽ تي ڪريس ۽ هٿ پير سڌا ڪري ڇڏيم. ان ميڙ ۾ منهنجو جاني دشمن رئيس گلڻ خان گول باڊي جو پٽ قادر ڪوراڙ به هجي. سو منهنجي مرڻ ۾ خوش، تنهن اچي منهنجي نبض ڏٺي ۽ اوڇنگار ڏيئي چيائين ادا طوطن پي ويچارو صدمي ۾ سچي پچي مري ويو، مون کي به رؤنشو ٿيو، ساهه روڪيم ته مونکي مئل قرار ڏنائون، پوءِ ته اچي ٿيون ڇاڙون پون. نيٺ مون کي سينگاري کٽ تي ڪلها ڏيئي هليا مقام ڏانهن. سوچيم خدا جي قدرت جيئري ته هنن موٽر سائيڪل تي به لفٽ ڪانه ڏني. اڄ مئو سمجهي ڪلهن تي پيا کڻن. مونکي رات جو اوجاڳو، سو کٽ جي هلڪن هلڪن لوڏن ۾ مونکي ننڊ اچي وئي. جڏهن مقام تي کٽ لٿي ته وڏي لوڏي تي آئون جاڳي پيس ڀرسان کوٽيل قبر ڏٺم مونکي پڪ ٿي ته هاڻي قديم عربن جي نياڻين وانگر مونکي جيئرو ٿا پورين پر حياتي وڌيڪ لکيل هئي. مقام جي ڪنڊي تي ويٺل وڏي ماکي مٿن حملو ڪري ڏنو. مون وارن ڪانڌين ۾ اچي ڀاڄ پئي سو مون واري لاش کي اڪيلو ڇڏي ڀڄي ويا. مون ڏٺو ته ملڪ ميدان لڳو پيو آهي. سو ڪفن کولي، نڪري آيس. کوٽيل قبر ۾ ٺڪر ڀتر وجهي مٿان مٽي وجهي، قبر ٺاهي پريان هڪ گهاٽي ڄار ۾ لڪي ويهي رهيس. ڪلاڪ ٻن کانپوءِ ڪانڌي موٽيا. ٺهيل قبر ڏسي ڀانيائون ته لاش کي مجاور دفنائي ويو آهي. سو مٿان گل ۽ عرق گلاب ڇڙڪي، اگربتيون ٻاري ۽ دعائون گهري ٿيا روانا. تيسين رات ٿي ويئي. آئون گهر آيس ته طوطن ماءُ عدت ۾ ويٺي هئي ۽ منهن تي مرڪون هئس، مونکي جيئرو ڏسي پارَ ڪڍي رُوئڻ لڳي، چئي مئا! توکي مس مس الله سائين ماريو هو، وري ڪٿان جيئرو ٿي آيو آهين؟! چيومانس: سمجهه ته آئون مري ويو آهيان، مُنهنجي مرڻ مان اهو فائدو ٿيندو جو روز صبح جو جيڪي قرضين جون قطارون ٿيون لڳن. سِيڌي وارو، کير وارو، اخبار وارو، ڪيبل وارو، ڌوٻي ۽ موچي انهن مان جان ڇٽي پوندي. مون واري کاتي کي ليڪ ڏيئي اوڌر فوتي کاتي ۾ هڻندا. تون چار مهينا ڏهه ڏينهن عدت ۾ ويٺي هوندي ته بيواهه سمجهي توکي پاڙي وارا خدا ڪارڻ ماني پيا ڏيندا، آئون وڃان ٿو ڪراچي واڙي تي ڪمائڻ، جام پئسا ڪمائي ايندس. کيس اها صلاح وڻي، آئون رات پيٽ ۾ نڪري ويس. عدت وارو عرصو واڙن تي ڪمائي موٽيس ته مونکي جيئرو ڏسي ڳوٺ وارا حيران ٿي ويا. قادر ڪوراڙ، جنهن منهنجي مرڻ جي خوشي ۾ ڏاڍيون خيراتون ۽ ختما ڪيا هئا، تنهن جو مونکي جيئرو ڏٺو ته سڙي صفا ڪوئلو ٿي ويو. گهر آيس طوطن مونکي ڏسي خوشيءَ ۾ نه پيو ماپي، طوطن ماءُ به اول منهن خراب ڪيو پر پوءِ ڪمايل چاليهه هزار اڳيان رکيامانس ته مائي جي خوشي جهل ئي نه ڏي. رات جي ماني کائي ليٽيس ته دماغ ۾ ڪئين سوچون ڦرڻ لڳيون. دل ۾ چيم اسانجي سماج ۾ ڪئين ناڪاره ڪردار جيئرا هوندي به ڄڻ مئل آهن. اسانجا ڪامورا، وڏيرا، ڀوتار، چونڊيل نمائندا، امير وزير، ڀتا خور، قبضه گير، دادا گير ايڏا بيحس آهن. کين پنهنجو ڀڀ ڀرڻ کانسواءِ قوم ۽ وطن جي بيحاليءَ جو ڪو درد ئي ڪونهي. ڄڻ اهي واقعي مئا پيا آهن. اسان جي سماج ۾ ماري وڌل فقط اهي هاري ۽ مزدور جيئرا آهن، جيڪي گهٽ معاوضي باوجود سج اڀرڻ کان وٺي سج لهڻ تائين حق حلال جو پورهيو ڪري هِيءَ ڪائنات هلائين پيا. ڪاش! اسان وٽ به ڪو ڪاسترو، ڪو لِي، ڪو نيلسن منڊيلا، ڪو شيخ مجيب، ڪو جمال ناصر، ڪو مائو، ڪو لينن، ڪو هوچي منهه پيدا ٿي پوي. جيڪو ڪروڙها پورهيت عوام کي گڏ ڪري انهن جي سگهه سان ديس جي منفي ڪردارن کي نيست و نابود ڪري پنهنجي وطن ۾ ڪا زبردست تبديلي آڻي وجهي، ڪاش! منهنجي ۽ اوهانجي انهيءَ خواب کي ڪا ساڀيان ملي پوي.

No comments:

Post a Comment