Sunday 30 October 2016

Dr Aziz Talpur منهنجو ٻانگو ۽ مسڪرائڻ جو عالمي ڏينهن

منهنجو ٻانگو ۽ مسڪرائڻ جو عالمي ڏينهن!
ڳوٺ ۾ ڪڪڙ ويڙهائڻ جو خفت زور وٺي ويو، آئون به خيرو خفتي کي سُئا مينهن ڏيڻ جو ليکو ڏيئي هڪ آڙيڪاپ ٻانگو وٺي آيس جنهن جون ڏيڍ انچ کڙهون هجن. ٻانگي کي ڏسي طوطن ماءُ جي منهن ۾ گهنج پئجي ويا پر سندس ڪڪڙ ڦلي ٺريو پئي ٺري. ڦلي مونواري ٻانگي جو قد ڪاٺ ڏسي چري ٿي پئي. ٻانگي به جواب ڏنس ”آ سيني نال لگ جا ٽها ڪر ڪي“ ٻانگو صفا هڪ اداڪار ٿي بيهي رهيو، وري اروڙي تي کوٽاڙا ڪريو جيت جهلي کيس کارائي پيو، مارڪون ٺاهي. مون ڏٺو ته هي جي عشق ۾ ٿو گرفتار ٿئي ته پوءِ ميل ۾ ڌوڙ وڙهندو! مون کيس سوتليءَ سان کٽ جي پاڳي ۾ ٻڌي ڇڏيو، ڦلي دري تي چڙهي کيس ڪلام ٻڌايو ”ميري دل ڪي تار بجي بار بار هوا تجهه سي پيار اب آجا“ٻانگي جواب ڏنس عاشق مجبور آ ڀلي ڪيڏو به ڪنڌار هجي! ٻئي ڏينهن طوطن به ڇيلي وڪڻي هڪڙو هلڪو ٻانگو وٺي آيو، جنهن جون کڙهون هاڻي پئي نڪتيون مونواري ٻانگي کي ٻڌل ڏسي طوطن واري ٻانگي اچي صبح سوير ڦلي جو پاسو ورتو، کيس گيت غزل وايون پيو ٻڌائي ۽ مٺيون مٺيون ڳالهيون پيو ڪري ڦلي به هن ڇوڪراٽ ٻانگي سان پئي شرمائي، مسڪرائي ۽ ٽيلارا ڪري، اهو لقاءُ ڏسي مونواري ٻانگي کي غيرت جا گند چڙهي ويا ۽ لتن سان سوتلي ٽوڙي اچي ٿو طوطن واري ٻانگي تي وٺ ڪري اصل کنڌي صفا ڳيرو ڪري ڇڏيائينس. همراهه ٻڌايو ته اڄ گڏيل قومن پاران سڄي دنيا ۾ مسڪرائڻ جو عالمي ڏينهن آهي، مون طوطن واري ٻانگي مان هٿ ڪڍيا ۽ آرسي اڳيان ويهي مسڪرائڻ شروع ڪيم. نيٺ منهن چٻو ڪري ڏائي واڇ لڙڪائي هڪ حسين وجميل ۽ سدا بهار مسڪراهٽ منهن تي سجائي ٻاهر نڪتس، طوطن ماءُ ڏٺو ته حيران ٿي وئي چئي مُئا خير ته آهي! اڄ منهن صفا ڦاٽل دٻڪي جهڙو ٿي ويو اٿئي، ڄاڙي ڦري وئي اٿئي! ٻڪرين واري ديوي جي بيماري ٿي اٿئي ڇا؟ چيومانس ڪونهي ڪا بيماري اڄ مسڪرائڻ جو عالمي ڏينهن آهي سو مسڪرايان پيو.
آئون جو اتي کل ۾ هئس ته مائي بگڙي پئي، ڏوئي کڻي مون تي حملو ڪيائين، مون پنهنجي سدا ملوڪ چمڪندڙ گنج کي بچائڻ لاءِ ديڳڙي مٿي ۾ وجهي چيو ”امن امن! ناٿي نانگڻ جي ڌيءَ اڄ جهيڙي فساد جو نه! مسڪرائڻ جو ڏينهن آهي، ”چئي مئا گهر ۾ اٽو ڪونهي آئون ڪيئن ته مسڪرايان؟“ چيو مانس اٽي لٽي ۽ اجهي جو کٽڪو نه ڪر ان جو واعدو پاڻ واري سرڪار 46 سال اڳ ڪيو هو، سو عنقريب وفا ٿيڻ وارو آهي، چيم اڄ مسڪرائڻ جو عالمي ڏينهن آهي ۽ توکي مسڪرائڻو آهي. چئي ”بابا نيراني پيٽ ۾ بک پئي پريس ڪانفرنس ڪري ڪيئن ته مسڪرايان؟“ اهو ٻڌي مون طوطن ماءُ لاءِ شاهي فرمان جاري ڪيو ته مجرم کي چانهه پاپا ڏنا وڃن، هن چانهه پاپا کائي دنگ ڪيو ته وڃي ڳٿڙ مان جهليومانس. چيم عظيم ترين والد جا بدترين اولاد مسڪرائڻ شروع ڪر! طوطن ويچارو اچي ڦاٿو نيٺ چپ ڦڏا ڪري مسڪرائڻ شروع ڪيائين پر رکي رکي کانئس جو ٽهڪ نڪريو وڃن ته اسين به کل ۾ اونڌا. بحرحال مون کين سڄو ڏينهن مختلف ويرائيٽن ۽ فليورن واري مسڪراهٽن کي جاري رکڻ جو حڪم ڏنو ۽ پنهنجي منهن تي هڪ لازوال ۽ شاندار مسڪراهٽ سجائي منهن صفا پنڊ دادن جهڙو ڪري گهر کان ٻاهر نڪتس.
آئون ڪنهن سان به ڪو نه پيو ڳالهايان رڳو پيو مسڪرايان. گس ۾ نانا پيرو، سئوٽ صدورو ۽ ماسات ماڪوڙو گڏيا مون سلام جو جواب به ڪو نه ڏنو رڳو مسڪراهٽن جا مينهن هجن. آيس نورل نماڻي ۽ ڏاڙهون ڏکايل وٽ هنن ڪئين شاعريون ٻڌايون پر آئون واهه واهه ڪريان ئي نه رڳو پيو مسڪرايان. نيٺ سڀني ميٽنگ ڪري مون کي چريو قرار ڏنو. نورل نماڻو ته اهڙو بڇڙو ٿيو جو گهران کٽ جي واڏڻ کولي آيو، مونکي ٽانگي ۾ ويهاري واڏڻ سان ٻڌي وٺي اچي گدو واري اسپتال ۾ داخل ڪرايائون. اتي ڏسان ته اصل مسڪرائڻ جو عالمي ڏينهن ته هو ئي اتي! چريا، پٽيوالا، چوڪيدار، ڪمپائونڊر ۽ ڊاڪٽر سڀ هرو ڀرو پيا مسڪرائين، مسڪرايو مسڪرايو وريو پيا مسڪرائين. مونکي ريس ٿي ۽ کانئن وڌيڪ مسڪراهٽ ڪرڻ لاءِ مون پنهنجون ٻئي واڇون پکيڙي وڃي ڪنن جي پاپڙين تائين پهچايون، بحرحال هن دنيا جي عظيم مسڪرائيندڙ ماڻهو طور منهنجو نالو گنيز بوڪ ۾ لکرايو. مون کي چريائپ ۾ پي ايڇ ڊي جي اعزازي ڊگري ڏني ۽ وات ڦاٽل ماڻهوءَ جي تصوير وارو ايوارڊ به ڏنو پوءِ سڀني چرين کي ٻه ٻه ننڊ جون گوريون مليون. ٻين وات ۾ وڌيون مون نڪ جي ناسن ۾ رکيون ٿوري دير کانپوءِ سڀ چريا ننڊ ۾ غش ٿي اهڙا کونگهرا هڻڻ لڳا جهڙو برساتي ڏيڏر ڍنڍ جي ڪناري تي ٽانءَ ٽانءَ ڪريو پيا ڪاميٽي جي ميٽنگ ڪن. آئون گدو اسپتال جي پوئين ڀت ٽپي ٻاهر نڪتس هڪ گاڏي هٿ چڙهي ان تي سوار ٿي ڳوٺ آيس.
 اڃا مسڪرائڻ جو عالمي ڏينهن ختم ڪو نه ٿيو هو، مون آرسيءَ اڳيان ويهي هر قسم جي مسڪراهٽ منهن تي آڻڻ جي پريڪٽس شروع ڪئي، مون مسڪرائڻ جون ڪئين جنسون دريافت ڪري ورتيون مثال طور شيطاني مسڪراهٽ ڀوتار جي منهن تي تڏهن ايندي آهي، جڏهن کيس خبر پوندي آهي ته فلاڻي مسڪين هاريءَ جي نياڻي سامائي آهي، لالچي مسڪراهٽ جڏهن وياج خور سيٺ کي ڏنل رقم وياج سميت ٻيڻي ٿي ملندي آهي. بي حس مسڪراهٽ جڏهن پوڙهي ماءُ پيءُ کي نالائق پٽ گهر مان ڪڍي ڇڏيندو آهي، دردناڪ مسڪراهٽ، جڏهن مسڪين هاريءَ جي حصي جو ان بٽئي کانپوءِ ڀوتار قرض جي آڙ ۾ ڦري وٺندو آهي، مون دردناڪ مسڪراهٽ جي پريڪٽس شروع ڪئي ته پنهنجي ذهن تي فضيلا سرڪي ۽ عمران جوکئي جي امڙين جا شديد ڏک ۽ پيڙاءُ ۾ رئندڙ چهرا تري آيا. منهنجا ڳوڙها وهڻ لڳا مون ڳوڙها اگهي وري مسڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته منهنجي ذهن تي ٿر جي سوين مائرن جا روئندڙ چهرا تري آيا جن جي جهولين ۾ سوين معصوم ٻارڙا بک ۽ بيمارين ۾ تڙپي تڙپي مري ويا هئا. مون نيٽ تي هي فرياد لکيو ته اسين سنڌ جا ماريل، هيسيل ۽ پيڙهيل ماڻهو ورهاڱي کان وٺي پنهنجي ئي وطن ۾ جلا وطن آهيون، اسان کان اسان جي جياپي جا وسيلا ڦريا ويا آهن، اسان جي ديس کي تقسيم ڪيو پيو وڃي، اسان جي درياهه کي چورايو پيو وڃي، اسان جي مادري ٻولي يرغمال آهي، اسان تي ڀوتارڪو راڄ مڙهيو ويو آهي، جنهن پنهنجي خونخوار چنبن سان اسان جي تعليم، صحت، روزگار، مسڪراهٽ، خوشي ۽ آسودگي کسي ورتي آهي، اسان جي گهر گهر ۾ بک ۽ ڏک جي ڪري کل ۽ خوشيءَ جو تڏو وڇايل آهي، ان ڪري اسين تنهنجي اعلانيل ڏينهن تي چاهڻ جي باوجود به مسڪرائي نٿا سگهون،
اوچتو منهنجي رڳن ۾ وهندڙ خون ۾ جوش پيدا ٿيو، ذهن ۾ همت ۽ بردباريءَ جو ولولو برپا ٿيو، مون پنهنجا وهندڙ ڳوڙها اگهيا ۽ هڪ نئين عزم سان هي پيغام کڻي سڄي سنڌ ۾ نڪري پيس ته اچو پاڻ سڀ ماريل، هيسيل ۽ پيڙهيل ماڻهو علم ۽ شعور جي طاقت سان پاڻ ۾ شاندار ٻڌي ڪري هي ڀوتارڪو راڄ ڊاهي کانئن پنهنجون کسيل مرڪون، خوشيون ۽ آسودگيون ڦري ڪانيئن سنڌ اڏيون، جنهن ۾ دل کولي مسڪرايون، کلون ۽ ٽهڪ ڏيون.

No comments:

Post a Comment